ڪراچي ۾ راشن ورهائڻ دوران ڀاڄ، عورتن ۽ ٻارن سميت 11 ڄڻا فوت

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي سائيٽ ايريا نورس چورنگي تي هڪ فيڪٽري طرفان راشن جي ورهاست دوران ڀاڄ سبب عورتن ۽ ٻارن سميت 11 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ڀاڄ جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو فوت ٿيڻ جو اطلاع آهي، راشن جي ورهاست دوران ماڻهن جو وڏو انگ موجود هو، شروعاتي اطلاعن موجب راشن جي ورهاست واري جاءِ تي ڪرنٽ لڳڻ سبب ڀاڄ پئي.
پوليس ٻڌايو ته ڀاڄ سبب اتي موجود نالي ۾ ڪِرڻ سبب به ٻار ۽ عورتون فوت ٿيون ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، جن کي اسپتال نيو ويو.
پوليس اختيارين موجب 15 زخمين کي سول ۽ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، عباسي شهيد اسپتال ۾ 9 لاش آندا ويا، جڏهن ته سول اسپتال ۾ ٻه لاش پهتا.
فيصل ايڌي ٻڌايو ته عباسي شهيد اسپتال ۾ آندل سڀئي لاش عورتن جا آهن، جن ۾ 3 ٻارڙيون به شامل آهن.
اطلاعن موجب راشن مقامي فيڪٽري طرفان ورهايو پئي ويو، اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته زڪوات جي رقم جي ورهاست لاءِ ماڻهن کي فيڪٽري ۾ گهرايو ويو.
واقعي جي حوالي سان ايس ايس پي ڪياماڙي چيو ته فيڪٽري انتظاميا پوليس ۽ ضلعي انتظاميا کي مفت راشن جي فراهمي کان آگاهه نه ڪيو هو، اسان کي راشن ۽ زڪوات جي ورهاست جي حوالي سان ڪو اطلاع نه ڏنو ويو، فيڪٽري مئنيجر سميت 7 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته فيڪٽري انتظاميا جي ٻين ماڻهن کي به حراست ۾ ورتو ويندو، واقعي جي انڪوائري مڪمل ٿيڻ کانپوءِ قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.
هوڏانهن سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري واقعي جو نوٽيس ورتو آهي، هن انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي ڪراچي جي ڪمشنر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

11 peopleDuring the distribution of ration in Karachiincluding women and children