عدليه گهرو وزير راڻا ثناءُالله جي بيان جونوٽيس وٺي:اسد عمر

اسلام آباد: تحريڪ انصاف اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته عدالت کي گهرو وزير راڻا ثناءُالله جي بيان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، راڻا ثناءُالله جي وجود کي ختم ڪرڻ جو ڪوبه ارادو نه آهي. هن چيو ته راڻا ثناءُالله خلاف سمورا ڪيس نيب جا هئا ۽ نيب کي سڀ خبر آهي ته اسان جي حڪومت واري دور ۾ ڪنهن تي ڪيس ٺاهيا ويا.
اسد عمرچيو ته ڪيسن جو انگ ڏٺو ويندو ته خبر پئجي ويندي ته اهي سمورا ڪيس ڪوڙا آهن ۽ اهو سڀ ڪجهه ڄاڻي واڻي ڪيو پيو وڃي. گڏيل طور تي سمورن ڪيسز جي حوالي سان اسان جي پٽيشن تيار ٿي وئي آهي. صرف اسلام آباد مان 500 ڪارڪنن کي گرفتارڪيو ويو آهي.