نيب توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بيبي کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي، نيب راولپنڊي پاران عمران خان جي بني گالا واري گهر نوٽيس اُماڻيو ويو
نوٽيس ۾ توشه خانه مان کنيل آءِ فون ۽ روليڪس گهڙين جو به ذڪر، نوٽيس ۾ عمران خان کي چيو ويو ته توهان اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو آهي، توهان رياستي تحفا وڪرو ڪري رڪارڊ ظاهر نه ڪيو
نيب عمران خان جي گهرواري بشريٰ بيبي کي توشه خانه ڪيس ۾ 21 مارچ تي طلب ڪري ورتو، نيب راولپنڊي جي 2 رُڪني ٽيم نوٽيس کڻي عمران خان جي گهر پهتي، سيڪيورٽي اسٽاف طرفان نيب ٽيم کي گهر ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي آهي
اويس نيازي طرفان طلبي نوٽيس وصول ڪيو ويو، نيب جي نوٽيس ۾ بشريٰ بيبي کي 15 سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي