وفاقي حڪومت پاران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو اعلان، نوان اگهه لاڳو

وفاقي حڪومت پاران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول اگهن ۾ في لِٽر تي 5 روپيا واڌ ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في لِٽر تي 13 روپيا واڌ ڪئي وئي آهي

 گاسليٽ جَي في لِٽر جِي قيمت ۾ 2 روپيا 56 پيسا واڌ ۽ لائيٽ ڊيزل جا اگهه ساڳيا برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

پيٽرول جَي في لِٽر جو نئون اگهه 272 روپيا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جو اگهه 293 روپيا مقرر هوندو، پيٽرول شين جا نوان اگهه لاڳو ٿي ويا

The increase in the prices of petroleum products announced by the federal government