آدمشماري قومي فرض، سنڌ واسي پاڻ کي ڳڻپ ۾ شامل ڪرائين: مراد علي شاهه

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڊجيٽل آدمشماري جي حوالي سان چيو آهي ته آدمشماري قومي فرض آهي، سنڌ واسي ٻاهر نڪري پاڻ کي ڳڻپ ۾ شامل ڪرائين

ڪراچي ۾ آدمشماري بابت اجلاس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته چاهيون ٿا ته ڊجيٽل آدمشماري صاف ۽ شفاف ٿئي، هن ڀيري ڪنهن کي به خدشا نه ٿيڻ کپن

صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، ناصر شاهه، سردار شاهه، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين اجلاس ۾ شرڪت ڪري ڊجيٽ آدمشماري جي حوالي سان وڏي وزير کي آگاهي ڏني

وڏي وزير چيو ته چاهيان ٿو ته هيلوڪي آدمشماري ۾ سنڌ جي هر ماڻهوءَ کي ڳڻيو وڃي، وڏي وزير پاران آدمشماري بابت صوبائي وزيرن کي عوام لاءِ آگاهي مهم هلائڻ جي به هدايت ڪئي وئي

Census is a national duty