چونڊن بابت پاڻمرادو نوٽيس کي رد ڪيون ٿا: ججز جو اختلافي نوٽ

اسلام آباد: جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽ جمال مندوخيل چونڊن بابت پاڻمرادو نوٽيس تي اختلافي نوٽس لکيا آهن، ٻنهي ججز جو چوڻ آهي ته آرٽيڪل 184ٽي تحت هي ڪيس ٻڌڻ جوڳو نه آهي، عدالت کي اهڙن معاملن ۾ پنهنجو 184 ٽي وارو اختيار استعمال نه ڪرڻ گهرجي

ٻنهي ججز اختلافي نوٽس ۾ چيو ته چونڊن تي لاهور هاءِ ڪورٽ فيصلو ڏئي چڪي آهي، سپريم ڪورٽ هاءِ ڪورٽ ۾ التوا هيٺ معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس نه ٿي وٺي سگهي

هنن جو چوڻ هو ته پشاور ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ ٽن ڏينهن ۾ چونڊن جون درخواستون اڪلايون، جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس اطهر من الله جي اختلافي نوٽس سان اتفاق ڪيون ٿا، اختلاف نوٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته چونڊن بابت پاڻمرادي نوٽيس جون درخواستون رد ڪيون وڃن ٿيون