اليڪشن ڪميشن لاهور هاءِ ڪورٽ جي چونڊ ڪرائڻ واري حڪم تي عمل ڪري: چيف جسٽس

اسلام آباد: چيف جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا آهن ته اليڪشن ڪميشن لاهور هاءِ ڪورٽ جي چونڊ ڪرائڻ واري حڪم تي عمل ڪري. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف پي ٽي آءِ جي ناراض ميمبرن جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي.
پي ٽي آءِ ميمبرن جي وڪيل عدالت کي آڏو موقف اختيار ڪيو ته پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ کان پوءِ ناراض ميمبرن جون اپيلون غير موثر ٿي ويون. عدالت سڳوري اپيلون غير موثر هجڻ جي بنياد تي پي ٽي آءِ جي ناراض ميمبرن جون اپيلون رد ڪري

شايد هاءِ ڪورٽ پنجاب ۾ چونڊن جي حوالي سان حڪم ڏنو؟ هاءِ ڪورٽ جي حڪم کان پوءِ هاڻ اليڪشن ڪميشن ڇا ڪري رهيو آهي؟
ڊي جي اليڪشن ڪميشن عدالت کي ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن ڪالهه پنجاب جي گورنر سان مشاورت ڪئي آهي. گورنر سان ملاقات جا منٽس به هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايا ويا آهن ان معاملي تي پنجاب جو گورنر شايد قانوني رستو اختيار ڪندو.
چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن چونڊ جي تاريخ لاءِ گورنر سان ڇو مشاورت ڪري رهيو آهي. جنهن تي جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته شايد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي گورنر سان مشاورت جو حڪم ڏنو. جنهن تي جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن هاءِ ڪورٽ جو حڪم آهي ته پوءِ اليڪشن ڪميشن مشاورت ڪري.
چيف جسٽس ٻيهر پڇاڻو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن پنجاب ۾ چونڊ تي ڇا ڪري رهيو آهي؟ قانوني رستو گورنر کي وٺڻو آهي يا اليڪشن ڪميشن کي؟ جواب ۾ ڊي جي لا اليڪشن ڪميشن چيو ته قانوني رستو گورنر کي ئي وٺڻو آهي جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اليڪشن ڪميشن لاهور هاءِ ڪورٽ جي چونڊ ڪرائڻ جي حڪم تي عمل ڪري.

  • شيئر