(ن) ليگ جي وفاقي وزيرن بنا پگهار جي ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد: مسلم ليگ(ن) سان تعلق رکندڙ وفاقي وزيرن بنا پگهار جي ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جي 83 ميمبرن تي ٻڌل وفاقي ڪابينه جي ن ليگي ميمبرن وزيراعظم سان ملاقات ڪري بنا پگهار جي ڪم ڪرڻ جو چيو آهي.
وفاقي وزيرن اهو فيصلو ملڪ کي پيش ايندڙ معاشي مسئلن ۽ مشڪل حالتن کي نظر ۾ رکندي قومي جذبي تحت ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي ڪابينه ۾ شامل 34 وزيرن مان 12 جو ن ليگ سان آهي ۽ 7 مملڪتي وزيرن مان 3 مسلم ليگ(ن) سان تعلق رکن ٿا.
مسلم ليگ(ن) جا وفاقي وزير ۽ مملڪتي وزير رضاڪارانه بنيادن تي ڪم ڪندا ۽ پگهارون نه وٺندا. وزيراعظم جي ڪابينه ۾ 38 خاص صلاحڪار شامل آهن جن مان وزيراعظم 14 خاص صلاحڪارن جون بنا معاوضي جي ڪم ڪرڻ جي درخواست منظور ڪري چڪو آهي.