توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ اسد عمر پنهنجو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ پنهنجو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.
اسلام آباد ۾ عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. اسد عمر شوڪاز نوٽيس تي پنهنجو جواب جمع ڪرايو.
عمران خان جي وڪيل فيصل چوڌري چيو ته اسان جي تڪ ۾ چونڊون ٿي رهيون آهن مان ۽ فواد چوڌري ٻئي چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهيون. مناسب ٿيندو ته چونڊن کان پوءِ جي تاريخ ڏيو. ايندڙ ٻڌڻي تي اعتراضن تي دليل ڏيندس.
وڪيل فيصل چوڌري چيو ته مان ڪوشش ڪندس ته ايندڙ ٻڌڻي تي حاضر ٿي سگهان، چونڊ مهم جي لاءِ وقت تمام گهٽ مليو آهي. جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 28 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.