اتر وزيرستان: سي ٽي ڊي ٽيم تي حملو، حراست هيٺ 3 جوابدار مارجي ويا، جوابي ڪارروائي ۾ 4 دهشتگرد به مارجي ويا

ڪراچي: اتر وزيرستان ۾ سي ٽي ڊي جي ٽيم تي دهشتگردن جي حملي ۾ حراست هيٺ 3 جوابدار مارجي ويا، سي ٽي ڊي جي جوابي ڪارروائي ۾ 4 دهشتگرد به مارجي ويا

سي ٽي ڊي جي ترجمان موجب دهشتگردن اتر وزيرستان جي علائقي ميران شاهه کان بنون ڏانهن جوابدارن کي منتقل ڪندڙ اسڪواڊ تي حملو ڪيو، دهشتگردن جي فائرنگ ۾ حراست ۾ موجود ٽئي جوابدار مارجي ويا

ان دوران فائرنگ جي ڏي وٺ دوران بندش پيل تنظيم جا 4 دهشتگرد به مارجي ويا، دهشتگردن جا ڪجهه ساٿاري رات جي اونداهي ۾ ڀڄي ويا، مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس تي دستي بم حملن ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هئا

مارجي ويل دهشتگردن وٽان شارٽ مشين گنز، ڪارتوس ۽ ٻيو سامان هٿ، سي ٽي ڊي ترجمان موجب دهشتگردن پنهنجي گرفتار ٿيل ساٿين کي ڇڏائڻ لاءِ حملو ڪيو

3 suspects killed in custodyNorth Waziristan: Attack on CTD team