لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب ۾ چونڊن جي تاريخ بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب ۾ عام چونڊن جي تاريخ نه ڏيڻ خلاف داخل درخواستن تي وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
پنجاب ۾ چونڊن جي تاريخ جو اعلان نه ڪرڻ خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس جواد حسن تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري اسد عمر سميت ٻين جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي

آءِ جي پنجاب پنهنجي موقف ۾ چيو ته چونڊن بابت جيڪو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو هوندو اسان ان تي عمل ڪنداسين. چيف سيڪريٽري پنجاب آگاهي ڏني ته اسان آئين جي آرٽيڪل 220 تي عمل ڪرڻ جا پابند آهيون عدالت ۽ اليڪشن ڪميشن جيڪو به فيصلو ڪندي اسان ان تي عمل ڪنداسين.
اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چونڊون وقت تي ڪرائڻ کان لاچاري ظاهر ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل پنهنجي موقف ۾ چيو ته تاريخ ڏيڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم نه آهي. عدليه، چيف سيڪريٽري، فنانس سڀني آفيسر ۽ فنڊز ڏيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن اهڙين حالتن ۾ ڪيئن چونڊون ڪرائي سگهي ٿو. اسان کي چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ 14 ارب روپين جي ضرورت آهي. قانون ۾ چونڊن جي تاريخ ملتوي ٿي سگهي ٿي.
گورنر جي وڪيل شهزاد شوڪت دليلن ۾ چيو جيڪڏهن اسيمبلي پاڻمرادو تحليل ٿئي ٿي ته گورنر چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو پابند نه آهي. تحريڪ انصاف جي وڪيل چيو ته آئين ۾ واضح لکيل آهي ته اسيمبلي جي ٽوڙڻ کان پوءِ 90 ڏينهن ۾ چونڊون ٿينديون. صدر عارف علوي به چونڊن جي تاريخ ڏئي سگهي ٿو. عدالت حڪم ڏيندي ته صدر تاريخ ڏئي ڇڏيندو.
لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب ۾ چونڊن جي تاريخ لاءِ داخل درخواستن تي وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو جمعي جي نماز کان پوءِ ٻڌايو ويندو.