آءِ ايم ايف ڊيل: 170 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لڳائڻ ۽ مني بجيٽ آڻڻ جو اعلان

اسلام آباد:وفاقي سرڪار آءِ ايم ايف آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا، 170 ارب روپين جا نوان ٽيڪس لڳائڻ ۽ مني بجيٽ آڻڻ جو اعلان، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان سمورا معاملا طئي ٿي ويا آهن، گذريل رات هر شيءِ طئي ڪئي وئي

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسحاق ڊار چيو ته آءِ ايم ايف سان طئي ٿيل ڳالهين تحت 170 ارب روپين جا نوان ٽيڪس لڳائڻا پوندا

وفاقي وزير جو چوڻ هو ته نوان ٽيڪس لڳائڻ لاءِ مني بجيٽ به آڻڻي پوندي، راتوڪين ڳالهين کانپوءِ آءِ ايم ايف اڄ صبح جو ميمورنڊم آف ايڪانامڪ اينڊ فنانشل پاليسي جو مسودو ڏئي ڇڏيو آهي

سومر ڏينهن ورچوئل ميٽنگ ٿيندي، جنهن ۾ شيون اڳتي کڻي هلنداسين، آءِ ايم ايف سان طئي ٿيل هي پروگرام عمران خان جو آهي، اسان ڪوشش ڪنداسين ته پاڪستان تاريخ ۾ ٻيو ڀيرو آءِ ايم ايف جو پروگرام پورو ڪري

هن جو چوڻ هو ته  اسان جي پوري ڪوشش ڪنداسين ته اهڙو ڪو به ٽيڪس نه لڳايون جيڪو سڌو عوام تي بار وجهي، پيٽرول جي اگهن ۾ 50 روپيا واڌ واري حد پوري ڪري چڪا آهيون، ڊيزل تي 40 روپيا وڌائڻ وارو وعدو به پورو ڪيوسين، باقي رهيل 10 روپيا 5-5 روپيا ڪري پورا ڪنداسين