کير جا اگهه طئي ڪرڻ وارو ڪيس: عدالت ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي تقرير جو متن پيش

ڪراچي :سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ کير جي اگهن جو تعين ڪرڻ واري ڪيس ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي تقرير جو متن پيش ڪيو ويو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ کير جي اگهن جي تعين لاءِ ضلعي انتظاميا جي اختيارن خلاف درخواست تي ٻڌڻي، جسٽس اقبال ڪلهوڙو ريمارڪس ڏيندي چيو ته هي انتهائي اهم ڪيس آهي، ٻُڌڻ بعد فيصلو جاري ڪنداسين

 عدالت طرفان سرڪاري وڪيل کي تياري ڪري پيش ٿيڻ جي هدايت، ٻڌڻي دوران درخواست گذار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته قائداعظم حلف کڻڻ بعد پهرين خطاب ۾ بليڪ مارڪيٽنگ لاءِ قانون سازيءَ جو حڪم ڏنو

وڪيل جو چوڻ هو ته 1948ع کان اڄ تائين بليڪ مارڪيٽنگ ۽ ذخيرا اندوزي روڪڻ لاءِ قانون سازي ناهي ڪئي وئي، قائداعظم جي هڪ هڪ ڳالهه اڄ سچ ثابت ٿي رهي آهي، عدالت ڪيس تي وڌيڪ ٻڌڻي 20 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي