ڪراچي: اويڪيو ٽرسٽ راولپنڊي پوليس ۽ ايف آءِ اي جي مدد سان لال حويلي تي چڙهائي ڪري 7 يونٽس سيل ڪري ڇڏيا، ڪارروائي وقت شيخ رشيد گهر ۾ موجود نه هو
ڊپٽي ايڊمنسٽريٽر آصف خان جو چوڻ آهي ته شيخ رشيد ۽ سندس ڀاءُ شيخ صديق کي ڪيترائي نوٽيسز موڪليا ويا، شيخ رشيد ڪو به دستاويز پيش نه ڪري سگهيو
لال حويلي جي ٻاهران موجود 4 دوڪان به سيل ڪيا ويا، لال حويلي جو اندروني رهائشگاهه وارو حصو سيل نه ڪيو ويو آهي، سموري ڪارروائي قانون موجب ڪئي وئي