بجلي جو نظام مڪمل بحال ڪري ڇڏيو، ايندڙ 48 ڪلاڪ بجلي جي کوٽ رهندي: وفاقي وزير

اسلام آباد: توانائي واري وزارت طرفان سڄي ملڪ ۾ سمورن گرڊ اسٽيشنز تي بجلي بحال ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي

وفاقي وزير خرم دستگير پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ملڪ ۾ بجلي جو نظام مڪمل طور تي بحال ڪيو ويو آهي، جوهري پلانٽ ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ ڪجهه وقت لڳي سگهي ٿو، اُن ڪري ملڪ ۾ 48 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري رهندو

وفاقي وزير خرم دستگير چيو ته اسان جي سسٽم ۾ ڪمپيوٽر هيڪنگ ذريعي پرڏيهي مداخلت جو خدشو آهي، اُن جي جاچ ڪئي پئي وڃي، گذريل ڏينهن نيشنل گـــِرڊ ۾ خرابي سبب  سڄي ملڪ ۾ بجليءَ جو بريڪ ڊائون ٿي ويو هو

ملڪ ۾  بجلي جي بريڪ ڊائون سبب موبائيل نيٽ ورڪ ۽ انٽرنيٽ سروس به متاثر رهي، ملڪ جي مختلف شهرن اڃان به بجلي جي بندش جاري آهي، ڪٿي ڪٿي وري ڊگهي لوڊشيڊنگ آهي

The power system has been fully restored