افغانستان ۾ سيءُ سبب فوتين جو انگ 78 ٿي ويو

ڪراچي: افغانستان ۾ برفباري بعد سخت سيءُ آهي. هيستائين سيءُ جي ڪري فوت ٿيل ماڻهن جو انگ 78 ٿي ويو آهي. 15 سالن جو سيءُ جو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي ۽ گرمي پد ڪاٽو 34 تائين ٿي ويو آهي. ڪاٽو 34 ٿيڻ کان پوءِ ماڻهو پنهنجي پنهنجي گهرن ۾ محدود ٿي ويا ،ڌنڌا ڪاروبار مڪمل طور تي ٺپ ٿي ويا ماڻهو سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا آهن ..