لاهور: ايف آءِ اي وزيراعظم جي پٽ کي عدالت آڏو بي گناهه قرار ڏئي ڇڏيو آهي، لاهور جي اسپيشل جج سينٽرل جي عدالت ۾ ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي پاران سليمان شهباز ۽ شريڪ جوابدار طاهر نقوي بابت عبوري چالان پيش ڪيو ويو
چالان ۾ چيو ويو ته جوابدارن خلاف مني لانڊرنگ ۽ ڪڪ بيڪس جون شاهديون نه مليون آهن، سليمان شهباز عبوري ضمانت جو مدو پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ٿيو
سليمان شهباز جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس جي چالان ۾ سليمان شهباز کي بي گناهه قرار ڏنو ويو آهي، سليمان شهباز ۽ طاهر نقوي ضمانت واري درخواست واپس وٺڻ چاهين ٿا
عدالت ايف آءِ اي کي مجاز اٿارٽي جي منظوري بعد ضمني چالان جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٻڌڻي 4 فيبروري تائين ملتوي ڪئي وئي آهي