ڪينسر جو علاج ڪرائڻ بدران سوچيو هو مري وڃان: سنجي دت

ممبئي: بالي ووڊ اداڪار سنجي دت کي 2020ع دوران فلم شمشيرا جي شوٽنگ دوران ساهه ۾ تڪليف ٿي کيس چيڪ اپ بعد خبر پئي ته هن کي ڪينسر آهي

سنجي دت هڪ تقريب ۾ ڳالهائيندي چيو آهي ته جنهن وقت مونکي ڊاڪٽر ڪينسر بابت آگاهه ڪيو ته ان وقت ڪوبه گهر ڀاتي مونسان گڏ نه هو ته مان سوچيو ته علاج ڪرائڻ بدران مري وڃان. انکانپوءِ منهنجي ڀيڻ ۽ گهر واري منايا دتا پهتيون ۽ منهنجي گهر واري گهڻو مايوس ٿي وئي هئي، ان کانپوءِ مون همت ڪئي ۽ ڪينسر جو علاج ڪرايو

سنجي دت جو چوڻ هو ته 1981ع ۾ ماءُ نرگس دت ڪينسر سبب فوت ٿي وئي هئي ۽ سندس پهرين گهر واري ريچا شرما 1996ع ۾ ڪينسر سبب فوت ٿي وئي هئي ان لاءِ مونکي تڪليف ۽ موت جو احساس هو ۽ مان علاج بدران موت کي ترجيح ڏني هئي

سنجي دت آخر ۾ چيو ته مان عوام کي حالتن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ ڪينسر جي تصديق ٿيڻ بابت ڪهاڻي ٻڌائي آهي ته جيئن عام ماڻهو منهنجي ڪهاڻي ٻڌي حوصلو بلند رکن