سنڌ ۾ مڪاني چونڊون ڪرائجن يا نه؟ اليڪشن ڪميشن حتمي فيصلو ڪرڻ لاءِ اسلام آباد ۾ هنگامي اجلاس سڏائي ورتو
اجلاس ۾ سنڌ ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ سنڌ حڪومت جي ٻيهر ڪيل درخواست جو جائزو ورتو ويندو
اجلاس ۾ سنڌ جي امن امان واري صورتحال بابت بريفنگ به ورتي ويندي
ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن امن امان ۽ سنڌ سرڪار جي خدشن جو جائزو وٺڻ بعد مڪاني چونڊون ڪرائڻ بابت ڪو حتمي اعلان ڪندي