وڏي وزير مراد علي شاهه هٿرادو مهانگائي جو نوٽيس ورتو

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه صوبي ۾ هٿرادو پيدا ڪيل مهانگائيءَ جو نوٽيس ورتو
وڏي وزير مراد علي شاهه چيف سيڪريٽري کي مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جون هدايتون ڪري ڇڏيون آهن
وڏي وزير مراد علي شاهه اسسٽنٽ ڪمشنرز کي اٽي ۽ ٻين شين جا اگهه چيڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي
وڏي وزير چيو آهي ته عام واهپي وارين شين جي اگهن تي ضابطو آڻي عوام کي رليف ڏنو وڃي، صوبي ۾ هٿرادو مهانگائي پيدا ڪئي وئي آهي
وڏي وزير چيو ته ڪمشنرز ۽ ڊي سيز واهپي وارين شين جي وڌيل اگهن تي ضابطو آڻين