ملڪي مٽاسٽا ناڻي جا ذخيرا گهٽ ترين سطح تي پهچي ويا

اسلام آباد : پرڏيهي قرضن جي ادائيگي سان مٽاسٽا ناڻي جي ذخيرن ۾ لاٿ جو سلسلو جاري آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ذخيرا اٺ سال نوَ مهينن جي گهٽ ترين سطح تي اچي ويا آهن.

پاڪستان گڏيل عرب رياستن جي بئنڪن جا قرض واپس ڪري ڇڏيا جنهن بعد مٽاسٽا ناڻي جا ذخيرا وڌيڪ گهٽجي ويا آهن.

ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب مُلڪي مٽاسٽا ناڻي جا ذخيرا  1.2 ارب ڊالر وڌيڪ لاٿ بعد 4.5 ارب ڊالر تي پهتا آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته مٽاسٽا ناڻي جا ذخيرا هڪ مهيني جي درآمدات کان به گهٽ آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ايمرٽس بئنڪ کي سٺ ڪروڙ ڊالرز ۽ دبئي اسلامڪ کي 42 ڪروڙ ڊالر جو قرض واپس ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي جنيوا ڪانفرنس ۾ پرڏيهي امداد جو سهارو گهربل آهي، جنيوا ڪانفرنس ۾ 1.5 ارب ڊالر جي فراهمي جي ڪوشش ڪئي ويندي.