نوري آباد پاور پلانٽ ڪيس: وڏو وزير مراد علي شاهه احتساب عدالت اسلام آباد ۾ پيش

اسلام آباد:وڏي وزير مراد علي شاهه جي نوري آباد پاور پلانٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ احتساب عدالت اسلام آباد آڏو پيشي، وڏي وزير مراد علي شاهه نيب ترميمي آرڊيننس تحت بريت جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي

 وڏي وزير درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته نيب ترميمي آرڊيننس کانپوءِ ڪيس نيب جي دائري ۾ نه ٿو اچي، ڪيس مان آجو قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي

احتساب عدالت جي جج محمد بشير نيب کي 12 جنوري لاءِ نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي