نئين سال جي آمد تي حڪومت عوام کي رليف نه ڏنو، تيل اگهه برقرار رکڻ جو فيصلو

اسلام آباد: وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي
ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن جو اعلان ڪري ڇڏيو، ناڻي واري وزير چيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جا موجوده اگهه ايندڙ 15 ڏينهن تائين ساڳيا ئي رهندا
اسحاق ڊار چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي پر ان باوجود حڪومت پاڪستان ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي
هن چيو ته پهرين کان 15 جنوري تائين پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ ڪا تبديلي نه ٿيندي، پيٽرول جي قيمت 214.80 رپيا في ليٽر جڏهن ته ڊيزل جي قيمت 227.80 رپيا في ليٽر برقرار رهندي
اسحاق ڊار چيو ته آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) گاسليٽ جي قيمت ۾ 8 رپيا 76 پئسا في ليٽر واڌ جي تجويز ڏني هئي پر گاسليٽ جي قيمت 171 رپيا 83 پيسا في ليٽر برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي
ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار موجب نئين سال جي آمد دوران به لائيٽ ڊيزل جي قيمت 169 رپيا في ليٽر برقرار رهندي

On the arrival of the new yearthe government did not give relief to the people