معاشي معاملا ڏکيا پر ڪنٽرول ۾ آهن، پاڪستان جو ڏيوالو نه نڪرندو: اسحاق ڊار

ڪراچي : ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته سستي سياست لاءِ پاڪستان کي نقصان پهچايو پيو وڃي، ثابت ڪري سگهان ٿو ته پاڪستان جو ڏيوالو نه نڪرندو، سياسي مقصدن لاءِ اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ درست ناهي

ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ڪراچي ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تقريب دوران ڳالهائيندي چيو ته ملڪ جي ڏيوالي نڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن ۽ ماڻهن کي خوف ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي

اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته ڪير ڊالر ته ڪير سون خريد ڪري رهيو آهي، ملڪ ۾ سنگين مسئلا آهن، پر اسان کي اُهي حل ڪرڻا پوندا، ڪنهن کي انتقام جو نشانو نٿا بڻائڻ چاهيون

تقريب کي خطاب دوران ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جو وڌيڪ چوڻ هو ته ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ پاڪستان جي پوزيشن واضح ٿي ويندي، اسان کي ڊالر، ڪڻڪ ۽ ڀاڻ جي اسمگلنگ کي روڪڻو آهي، ايندڙ  6 کان 7 سالن ۾ پاڪستان کي 35 ارب ڊالرز جي ضرورت پوندي

Economic affairs are under control