ڀنڀور جي کوٽائي جو چوٿون مرحلو مڪمل، انساني ڍانچو، ٺڪر جا ٿانوَ هٿ

ڌاٻيجي: سنڌ جي تاريخي ماڳ ڀنڀور تي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ خيرپور يونيورسٽي جي شاگردن، اٽلي جي ماهرن جي ٽيم  سنڌ آرڪيالوجي ڊپارٽمينٽ جي عملدارن سان گڏجي کوٽائي جو چوٿون مرحلو مڪمل ڪري ورتو، کوٽائي دوران هٿ ڪيل انساني ڊانچو، ٺڪر جا ٿانوَ ۽ ٻيون نواردات وڌيڪ تحقيق لاءِ آرڪيالوجي ڊپارنمنٽ حوالي ڪيون ويون.

ان موقعي تي ماهرن ٻڌايو ته کوٽائي دوران قيمتي اثاثن سان گڏوگڏ انساني هڏيون، ٿانون جي ٺڪرن سان گڏوگڏ زمين اندر دفن ٿيل پراڻي زماني جون شيون مليون آھن، ڇاڪاڻ ته ڀنڀور جا ڀڙ مٿي هئڻ ڪري تاريخي ڀٽ بڻجي چڪا آھن، کوٽائي دوران اڃان وڌيڪ قيمتي شيون پڻ ھٿ اچي سگهن ٿيون، ڇو جو جڏھن ڀنڀور جو شهر آباد هو تڏھن زمين کان هيٺ شھر ڊھڻ سبب وڏا ڀٽ ٺھي ويا آھن، ان جي ڪري پوين سال جي کوٽائي کان هن سال جي کوٽائي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ شيون هٿ آيون آھن.

گذريل سال پهرينمرحلي جي کوٽائي دوران جانورن جا سڱ، پتل جا سڪا، مٽي جا رانديڪا ۽ جانورن جا هڏا ۽ ٻيون نوادرات هٿ آيون هيون، هڪ 80 ڪلو وزني جو ڊرم هٿ آيو، جنهن تي اڃا تحقيق جاري آھي، کوٽائي دوران ملندڙ نواردات کي آرڪيالوجي ڊپارٽمينٽ حوالي ڪيو آهي، جتي ماهر انهن تي وڌيڪ تحقيق ڪري ٻڌائيندا ته اهي شيون ڪيتريون پراڻيون ٿي سگهن ٿيون ۽ ڪيترو قديمي  شهر آھي، ان مان ملندڙ نواردات ڪيترا پراڻا آھن، ان کي ڪيئن محفوظ ڪري تاريخي ميوزيمن ۾ حفاظتي طور تي سنڀالي رکي سگهجي.

ڀنڀور جي 40 ايڪڙ زمين تي به بااثرن جون اکيون کُتل

ڌاٻيجي: 1960ع ڌاري ڀنڀور ۾ 70 کان 75 ايڪڙن تي هڪ باغ هوندو هو، جنهن جو نالو وٽيجي سسئي هو، جنهن جي آبادي لاءِ 2 وڏا نار لڳل هئا، جيڪي ڍڳن اٺن ذريعي پاڻي وهائيندا هئا، جيڪا زمين هن مقامي انتظاميا جي ملي ڀگت سان هتان جي بااثرن ملي ڀگت ڪري کپائي ڇڏي، هاڻي ڀنڀور وڃي 40 ايڪڙن جي لڳ ڀڳ بچيو آھي، تنهن تي به بااثرن جون اکيون کتل آهن، بچيل سچيل زمين تي به روينيو جي مقامي انتظاميا جي مدد سان بااثرن جي قبضي جون ڪوششون جاري آهن.

640 ايڪڙن تي ٻڌل ڀنڀور 40 ايڪڙ وڃي بچيو

ڌاٻيجي: سنڌ جي تاريخي ماڳ ڀنڀور جو 1958ع ۾ ايوب جي دور ۾ ديبل بندرگاهه جي کوٽائي شروع ڪرائي وئي، کوٽائي دوران 3 دورن جا سيتي فارسي، برهمڻ هندو، مسلم انسانن جا ڍانچا، مٽي جا ٿانو، ٺڪر ۽ لوهه جي اوزارن سميت ٻيون شيون مليون هيون، 1960ع ۾ تاريخي ميوزيم طور تي هن جو بنياد رکيو ويو، تڏھن ڀنڀور 640 ايڪڙن تي قائم هو، لينڊ مافيا ۽ بااثرن جي قبضن سبب  هاڻي ڀنڀور وڃي 40 ايڪڙن جي لڳ ڀڳ زمين تي بچيو آھي، جنهن ۾  تاريخي اثاثا رکيا ويا آهن.

ڀنڀور کي بچائڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويا

ڌاٻيجي: سنڌ جي تاريخي ماڳ ڀنڀور جي خالي پيل زمين تي قبضي ڪرڻ جو سلسلو تيز ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري ڀنڀور چئني طرفن کان مڪمل طور تي سوڙھو ٿي ويو ۽ اهو پنهنجي تاريخي سونهن وڃائڻ لڳو آهي ۽ هن وقت گهاري لڳ آثار قديما جي صورت ۾ بي يارو مددگار بڻيل ڀنڀور پنهنجون آخري نشانيون به وڃائي رهيو آھي، ڀنڀور کي بچائڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن

ڀنڀور جا نوادرات ٻئي هنڌ منتقل

ڌاٻيجي:جيتوڻيڪ هي تاريخي ماڳ آثار قديمه هئڻ ڪري مڪمل طور تي حڪومت جي ڪنٽرول هيٺ آھي پر ڀنڀور جي ڀٽن واري شهر کان سواءِ ڀنڀور جي چوڌاري واري زمين ڪنهن به حوالي سان محفوظ ناهي رهي. ڀنڀور جي مختلف وقتن تي ٿيل کوٽائي بعد ملندڙ نوادرات جي ٻئي هنڌ منتقلي جا قصا به پراڻا آھن، پر ان سان گڏوگڏ سڀ کان اهم مسئلو هن تاريخي ماڳ جي زمين جي سنڀال ڪرڻ جو آهي، ڇو ته ڪيتري ئي وقت کان وٺي ڀنڀور جي زمينن تي غير سرڪاري ادارن پاران قبضا ڪيا ويا آهن.

Excavation of Bhanbhorfound human skeletonswhich completed the fourth phase