روس پاران فوج جو انگ وڌائڻ جو اعلان

ماسڪو: روسي دفاع جي وزير موجب فوج جو انگ وڌائي 10 کان 15 لک ڪيو ويندو.

روسي صدر پيوٽن جي صدارت ھيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ دفاع جي وزير سرگئي شوئيگو چيو ته 15 لک فوج ۾ 6 لک 95 هزار ڀرتيون عارضي هونديون.

ان موقعي تي روس جي صدر ولادمير پيوٽن يوڪرين ۾ جنگ کي الميو قرار ڏيندي عهد ڪيو ته مقصد حاصل ڪرڻ تائين پنهنجي مهم جوئي جاري رکندو.