پنجاب جي وڏي وزير کي ڊي نوٽيفائي ڪرڻ جو فيصلو

لاهور:گورنر هائوس ۾  ن ليگ ۽ اتحادين جو مشاورتي اجلاس ٿيو جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وزيراعليٰ پنجاب کي ڊي نوٽيفائي ڪيو ويندو، اهو عمل ڪيڏي مهل به ٿي سگهي ٿو جڏهن ته وزيراعظم جي مشير عطاءَ الله تارڙ چيو ته پرويز الاهي کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ وقت ڏنو ويو، هن اهو نه ڪيو، سگورنر پنجاب بردباري جو مظاهرو ڪيو، هن کي ڪو به غيرآئيني قدم ناهي کڻڻو، قانون ۾ گنجائش آهي ته وڏو وزير اعتماد جو ووٽ نٿو وٺي ته هن کي ڊي نوٽيفائي ڪيو وڃي،اسپيڪر پوائنٽ آف آرڊر تي رولنگ ڏئي سگهي ٿو، پوءِ به گورنر پنجاب قانوني پوزيشن واضح ڪئي، اهو گورنر جو صوابديد آهي ته هو ڪڏهن وڏي وزير کي ڊي نوٽيفائي ڪري ٿو، هن کي ڊڪٽيٽ ۽ مجبور نٿو ڪري سگهي، هن چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته چيو پيو وڃي ته صدر کي خط لکي چيو ويندو ته گورنر کي برطرف ڪيو وڃي، اسان کي ٻڌايو وڃي ته ڪهڙي آئين ۾ لکيل آهي ته صدر گورنر کي هٽائي سگهي ٿو، هن چيو ته پرويز الاهي هاڻي آئيني طور وڏو وزير ناهي رهيو، هن کي اخلاقي طور استعيفيٰ هليو وڃڻ گهرجي، سڀني کي خبر آهي ته مونس الاهي کي ڪيئن اربين رپيا ڏنا ويا آهن،