شاهه رخ خان کي ساڙي مارڻ جي ڌمڪي

بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان جي مداحن ڪنگ خان کي ساڙڻ جي ڌمڪي ڏيندڙ پنڊت جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي

شاهه رخ جي فلم پٺاڻ تي پابندي جو مطالبو ڪرڻ کانپوءِ هاڻي اداڪار کي مارڻ جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن، ان حوالي سان هندو انتها پسند پنڊت پرماهن آچاريا جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي

وڊيو ۾ هندو انتها پسند پنڊت کي فلم پٺاڻ جي معاملي تي شاهه رخ خان کي ڌمڪيون ڏيندي ٻڌي سگهجي ٿو، جنهن ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتراف ڪيو ته اڄ اسان شاهه رخ خان جو پوسٽر ساڙي ڇڏيو آهي، هو چاهين ٿا ته جيڪڏهن کين ڪو پتو پئجي وڃي. جهادي شاهه رخ خان کي جيئرو ساڙي ڇڏيندا

وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ شاهه رخ جا مداح سندس حمايت ۾ اڳيان اچي ويا ۽ مداحن هندو پنڊت جي گرفتاري جو مطالبو پڻ ڪيو، جنهن کانپوءِ ٽوئيٽر تي هيش ٽيگ ٽرينڊ بڻجي ويو آهي