دانيا شاهه ضمانت جي منتظر، عدالت نئين تاريخ ڏئي ڇڏي

ڪراچي: پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳوڻي ايم اين اي مرحوم عامر لياقت جي وڊيو وائرل ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار سندس اڳوڻي ۽ ٽئين زال دانيا شاهه جي ضمانت بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي آهي

جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ دانيا شاهه جي امڙ وڪيل سميت پيش ٿي، ڌرين دليل ڏنا

دانيا شاهه جي امڙ جي وڪيل لياقت گبول دليل ڏنا ته  دانيا شاهه بيگناهه هن وقت جيل ۾ آهي، ضمانت منظور ڪئي وڃي

عدالت دانيا شاهه جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي 22ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

Dania Shah is awaiting bail