پ پ جو سڀاڻي بلاول جي حمايت ۽ ڀارت جي مخالفت ۾ ريليون ڪڍڻ جو اعلان

ڪراچي: ڀارتي ويراعظم نريندر مودي کي آئينو ڏيکارڻ تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري خلاف ڀارت ۾ پروپئگنڊا تي پ پ قيادت سڄي سنڌ ۾ پارٽي چيئرمين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريليون ڪڍڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي چيو سنڌ جي هر ضلعي ۾ ريليون ڪڍي بلاول ڀٽو زرداري سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويندو ۽ مودي سرڪار جي پاڪستان خلاف پروپئگنڊا جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.

هن چيو ته پاڪستان ۽ بلاول ڀٽو زرداري خلاف پروپئگنڊا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين، بي جي پي ۽ مودي سرڪار پنهنجي پروپئگنڊا بند ڪري.

سندس چوڻ هو ته بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن ۾ مودي سرڪار کي آئينو ڏيکاريو آهي، جنهن کان پوءِ ڀارت جو اصل چهرو سڄي دنيا سامهون بي نقاب ٿي ويو آهي، پاڪستاني عوام پروپئگنڊا تي چُپ نه ويهندو.