عمران خان پاران 23 ڊسمبر تي پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه اسيمبليون ٽوڙڻ جو اعلان

لاهور: اڳوڻي وزيراعظم عمران خان اعلان ڪيو آهي ته 23 ڊسمبر تي پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه اسيمبليون ٽوڙينداسين ۽ قومي اسيمبلي ۾ اسپيڪر سامهون بيهي استعيفيٰ منظور ڪرڻ جو چونداسين.

لبرٽي چوڪ تي جلسي سان وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته خوف آهي ته شفاف چونڊون نه ٿيڻ جي صورت ۾ ملڪ ٻڏي ويندو، 50 سالن ۾ اڄ سڀ کان وڌيڪ مهانگائي آهي، 30 سالن کان جيڪي ملڪ لٽي رهيا هئا انهن کي مٿان ويهاريو ويو، چورن جو ٽولو ملڪ تباهه ڪري رهيو آهي.

هن چيو منهنجو سوال آهي ته رجيم چينج جو ذميوار ڪير آهي؟ جڏهن معيشت مٿي وڃي رهي هئي ته چورن کي ڪنهن ويهاريو؟ انهن وٽ ڪو روڊ ميپ ناهي، چاهين ٿا ته چونڊون ملتوي ٿين، انهن کي شڪست جو خوف آهي.

سندس چوڻ هو ته بدديانت اليڪشن ڪمشنر انهن سان مليل آهي، لڳي ٿو ته اهي آڪٽوبر ۾ به چونڊون نه ڪرائيندا، چيف اليڪشن ڪمشنر کي طريقا ٻڌائيندا ته ڪيئن دير ڪجي، انهن کي ملڪ جي ڳڻتي ناهي، انهن جو پئسو ٻاهر پيو آهي، انهن تي ڪا ڏکيائي ايندي آهي ته ٻاهر ڀڄي ويندا آهن.

عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر الزام هنيو ته حڪومت ڪيرائڻ جو هڪ شخص ذميوار آهي، اهو جنرل (ر) قمر جاويد باجوا آهي، هو آرمي چيف هو، تڏهن ان خلاف نه ڳالهائيندو هيس، اسان جي ڪوشش آهي ته فوج مضبوط ٿئي پر ان وقت جي آرمي چيف اسان کي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو هو، باجوا ٻاهرين سازش جو حصو بڻجي اسان جي حڪومت ڪيرائي.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مون کي چيو ويندو هو توهان ڪرپشن جي ڳڻتي نه ڪيو، معيشت تي ڌيان ڏيو، ڪنهن مهذب معاشري ۾ ڪرپشن ڪندڙ کي ڇوٽ ڏني ويندي آهي؟ چين چريو آهي، جنهن ڪرپٽ ماڻهن کي ٽنگي پنهنجي ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو ۽ ملڪ کي معاشي طاقت بڻايو.

هن سوال ڪيو ته ڇا مان ملڪ جو دشمن آهيان جو منهنجو گهر ۽ فون ٽيپ ڪئي وئي، منهنجي پرنسپل سيڪريٽري سان گفتگو ليڪ ڪئي وئي ۽ آڊيوز کي سامهون آندو ويو، جڏهن ته اعظم سواتي جي گهر به وڊيو موڪلي وئي.

سندس چوڻ هو ته قوم کي مايوس ٿيڻ ۽ پاڪستان کي هن حالت ۾ ڇڏڻ جي ضرورت ناهي، توهان کي هن وقت بيهڻو آهي ۽ اسان گڏجي ملڪ کي سڀني مسئلن مان ڪڍنداسين.