عمران خان اڄ اسيمبليون ٽوڙڻ جو اعلان ڪندو يا نئين تاريخ ڏيندو؟

اسلام آباد: عمران خان اڄ اسيمبليون ٽوڙڻ جو اعلان ڪندو يا نئين تاريخ ڏيندو؟

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اڄ لاهور جي لبرٽي چوڪ تي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 560 کان وڌيڪ ميمبرن جي مستقبل جو فيصلو ڪندو

عمران خان پنجاب ۽ ڪي پي جون اسيمبليون ٽوڙي ۽ قومي اسيمبلي مان ٻيهر استعيفائون ڏئي پي ڊي ايم جي سرڪار کي وقت کان اڳ عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ مجبور ڪرڻ گهري ٿو

ذريعن موجب قاف ليگ ۽ خود پي ٽي آءِ جا ڪيترائي وزير في الحال اسيمبليون ٽوڙڻ جي حق ۾ نه آهن

ذريعن موجب عمران خان پارٽي ۽ اتحادين جي اندروني دٻاءَ سبب اڄ ئي اسيمبليون ٽوڙڻ جو اعلان ڪرڻ بدران اسيمبليون ٽوڙڻ جي رڳو تاريخ جو اعلان ڪري سگهي ٿو

ٻئي اسيمبليون ٽٽڻ بعد نيون صوبائي حڪومتون اچڻ تائين پنجاب ۽ ڪي پي جا وڏا وزير عهدن تي موجود رهندا