پاڪستان ڊفالٽ نه ڪندو: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان کي ڊفالٽ ڪرائڻ ڪنهن  جي ڪوشش آهي ته ائين نه ٿيندو ۽ نه ڪنهن کي ڪرڻ ڏينداسين

وزيراعظم چيو ته پاڪستان سان دوستي ۽ وفاداري جي تقاضا آهي ته ملڪ ۾ معاشي استحڪام هجي

هن چيو ته معيشت ۾ بارودي سرنگهون ڀريندڙ هاڻي ملڪ جي سياسي نظام ۾ به اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ جي سازش پيا ڪن

شهباز شريف چيو ته سياسي شرپسند انتشار پکيڙي دنيا کي ٻڌائڻ چاهين ٿا ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري نه ڪيو، جڏهن به ملڪ ترقي ڪرڻ لڳندو آهي ته فسادي لشڪر حرڪت ۾ ڇو اچي ويندو آهي؟

وزير اعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته آئين جي طاقت سان ملڪ کي ڪوڙي حڪومت کان ڇوٽڪارو ڏياريو هو، هاڻي عوام کي ماني ۽ روزگار جي پريشانين کان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين