بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان تي دهشتگرديءَ جا الزام هڻندڙ ڀارت جي پرڏيهي وزير جئي شنڪر کي ڌوئي ڇڏيو
گڏيل قومن ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي بلاول چيو ته جئي شنڪر کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته اساما بن لادن ته مري چڪو آهي پر گجرات جو قصائي نريندر مودي اڃا جيئرو آهي ۽ ڀارت جو وزيراعظم آهي
بلاول چيو ته گجرات جو قصائي هاڻي ڪشمير جو قصائي بڻيل آهي، ڀارت جي حڪمران جماعت آر ايس ايس هٽلر جي جماعت ايس ايس جي نظرين کان متاثر آهي
هن چيو ته آر ايس ايس مسلمانن خلاف زهر پکيڙي رهي آهي، ڀارتي حڪمران جماعت جو هيرو گانڌي نه پر گانڌي کي قتل ڪندڙ شخص آهي