چمن بارڊر تي پاڪ افغان فورسز ۾ چڪرين کانپوءِ جنگبندي: زندگي معمول تي اچي وئي

ڪراچي: چمن بارڊر تي پاڪ افغان فورسز ۾ چڪرين کانپوءِ جنگبندي، چمن ۽ بارڊر واري علائقي ۾ زندگي معمول تي اچي وئي آهي

باب دوستي بارڊر تي ٻطرفو واپار ۽ ڪسٽم ٽريڊ جون معمول واريون سرگرميون جاري آهن

سيڪيورٽي اختيارين جو چوڻ آهي ته چمن بارڊر جي علائقي ۾ زندگي معمول تي اچڻ شروع ٿي وئي آهي، پر ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ آهي

گذريل ڏينهن پاڪ فورسز سان چڪرين بعد افغان فورسز شهري آبادين تي گولاباري ڪئي هئي، افغان فورسز جي فائرنگ ۽ گولا باري ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا