پي ايس ايل _8 جي ڊرافٽنگ: بابر پارٽي بدلائي پشاور ۾ شامل، فخر زمان، نسيم شاهه پلاٽينم ڪيٽيگري ۾ چونڊجي ويا

ڪراچي: پاڪستان سپر ليگ جي 8 ايڊيشن لاءِ رانديگرن جي ڊرافٽنگ ٿي وئي آهي، جنهن ۾ فرنچائزز مختلف ڪيٽيگريز ۾ پنهنجي پسنديده رانديگرن جي چونڊ ڪئي آهي

پلاٽينم ڪيٽيگري جي ۾ لاهور قلندرز فخر زمان، ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز وانندو، نسيم شاهه، ملتان سلطانز ڊيوڊ ملر، ڪراچي ڪنگز ميٿيو ويڊ، اسلام آباد يونائيٽيڊ ايلڪس هيلز، پشاور زلمي راجا پاڪسا کي چونڊيو

ساڳئي ڪيٽيگريءَ جي ٻي چونڊ ۾ پشاور زلمي رومان پاول، اسلام آباد يونائيٽيڊ رحمان الله گربز، ڪراچي ڪنگز عمران طاهر ۽ ملتان سلطانز جوش لٽل کي چونڊيو

نسيم شاهه کي پلاٽينم ڪيٽيگري ۾ ملتان سلطانز چونڊيو هو پر ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز کيس پنهنجي ٽيم ۾ برقرار رکيو جڏهن ته اسلام آباد جي ايلڪس هيلز کي برقرار رکيو ويو. ڊائمنڊ ڪيٽيگري ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ فضل حق فاروقي، پشاور زلمي مجيب الرحمان، لاهور قلندر حسين طلعت، ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز اولن سمٿ ۽ ڪراچي ڪنگز جيمز ونز ۽ جيمز فلر کي چونڊيو

گولڊن ڪيٽيگري ۾ پشاور زلمي دانش عزيز، ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز احسان علي، لاهور قلندرز سڪندر رضا، ملتان سلطانز عقيل حسين، ڪراچي ڪنگز اينڊريو ٽائي، لاهور قلندرز ليام ڊوسن ۽ پشاور زلمي پاران ارشد اقبال کي چونڊيو ويو. پي ايس ايل 8 جي ڊرافٽنگ لاءِ 433 پرڏيهي رانديگرن رضامندي ظاهر ڪئي هئي. پهرئين انٽرنيشنل ٽيسٽ ميچ ۾ 11 وڪيٽون وٺي رڪارڊ ٺاهيندڙ نوجوان بالر ابرار احمد به پي ايس ايل ۾ شامل ٿي ويو آهي، هو اسلام آباد يونائٽيڊ پاران کيڏندو

ڪراچي ڪنگز حيدر علي، شعيب ملڪ، عماد وسيم، محمد عامر، شرجيل خان، عامر ياسين ۽ قاسم اڪرم کي برقرار رکيو آهي. لاهور قلندرز ۾ شاهين شاهه آفريدي، راشد خان، حارث رئوف، ڊيوڊ وائيس، عبدالله شفيق، ڪامران غلام، هيري برڪ ۽ زمان خان کي برقرار رکيو ويو آهي جڏهن ته ڊرافٽنگ ۾ نسيم شاهه کي به برقرار رکيو ويو آهي. ملتان سلطانز ۾ محمد رضوان، شان مسعود، خوشدل شاهه، ريلي روسو، شاهنواز دھاني، ٽم ڊيوڊ، احسان الله، عباس آفريدي پشاور زلمي ۾ بابر اعظم، وهاب رياض، روٿفورڊ، محمد حارث، عامر جميل، ٽام ڪوهلر، سلمان ارشد شامل آهن

ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ۾ محمد نواز، جوسن راءِ، افتخار احمد، محمد حسنين، سرفراز احمد، عامر اڪمل، نوين الحق، وال صمد شامل آهن. پي ايس ايل جو اٺون ايڊيشن 9 فيبروري کان 19 مارچ تائين لاهور، ملتان، ڪراچي ۽ راولپنڊي ۾ کيڏيو ويندو

هوڏانهن پي سي بي چيئرمين رميز راجا چيو آهي ته هن ڀيري پي ايس ايل ايڏو وڏو ٿيندو جو توهان سوچي به نٿا سگهو. ڊرافٽنگ تقريب ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته اسپانسرز اسان جو پهريون ڏينهن کان ساٿ نڀايو آهي، ڪوشش آهي ته هر سال ان برانڊ کي وڏي کان وڏو بڻايو وڃي

Drafting of PSL-8: Babar changed party and joined PeshawarFakhar Zaman