سنڌ جي 9يونيورسٽيز جي وي سيز جي مقرري بابت نئين پاليسي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست رد

سکر: سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر 9 يونيورسٽيز جي وائيس چانسلرز جي مقرري بابت نئين پاليسي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي 2 رڪني بئنچ گذريل ڏينهن محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

درخواست گذار غلام قادر شر  پنهنجي درخواست ۾ وائيس چانسلرز جي مقرري لاءِ شايع ٿيل هيڪ جي اشتهار ۾ ڄاڻايل اهليت کي چئلينج ڪيو هو

 درخواست گذار جي وڪيل چيو ته هيڪ سنڌ سرڪار جي مرضي تحت من پسند ڪامورن کي وي سي مقرر ڪرڻ لاءِ رولز ۾ تبديلي ڪئي آهي

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته  وي سي عمر جي حد 65 سال مان گهٽائي 62 سال ڪئي وئي آهي

عدالت پاليسي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي