جيڪولين پاران نورا فتيحي طرفان ڪيل ڪيس جو مقابلو ڪرڻ جو فيصلو

ممبئي: باليووڊ اداڪارا جيڪولين فرنينڊس پنهنجي خلاف ڪينيڊين ڄائي باليووڊ اداڪارا ۽ ڊانسر نورا فتحي طرفان هتڪ عزت واري ڪيس جو ڄمي مقابلو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي

ڀارتي ميڊيا موجب جيڪولين فرنينڊس جي وڪيل چيو آهي ته اسان نورا فتحي طرفان داخل ڪيل ڪيس جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهيون ۽ نورا فتحي خلاف جوابي ڪيس ڪرڻ جو به سوچي رهيا آهيون. خيال رهي ته ڪينيڊين ڄائي باليووڊ اداڪارا ۽ ڊانسر نورا فتحي باليووڊ اداڪارا جيڪولين فرنينڊس خلاف هتڪ عزت جي دعويٰ داخل ڪئي آهي

ڀارتي ميڊيا موجب نورا فتحي ڀارتي عدالت ۾ جيڪولين فرنينڊس خلاف ٻه سئو ڪروڙ ڀارتي رپين جي هرجاڻي جي دعويٰ داخل ڪئي آهي. داخل ڪيل دعويٰ ۾ نورا چيو آهي ته جيڪولين سندس خلاف ڪوڙا بيان ڏنا جنهن ۾ ان جي بدنيتي شامل هئي