اعظم سواتي خلاف سنڌ ۾ داخل سمورا ڪيس ختم: سنڌ ۾ ڪو ٻيو ڪيس داخل نه ٿيڻ گهرجي: هاءِ ڪورٽ


ڪراچي؛سينيٽر اعظم سواتي خلاف سنڌ ۾ داخل سمورا ڪيس ختم ڪيا ويا آهن، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان وڌيڪ ڪيس داخل نه ڪرڻ جو حڪم ڏنوويو آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ سينيٽر اعظم سواتي خلاف داخل ڪيسز بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ ۽ ٻيا عملدار شريڪ ٿيا

ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ عدالت کي آگاهه ڪيو ته اعظم سواتي خلاف داخل سمورا ڪيس سي ڪلاس ڪيا ويا آهن ۽ اعظم سواتي کي اسلام آباد اماڻيو ويو آهي

ٻڌڻي دوران جسٽس ڪي ڪي آغا چيو ته سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي سنڌ معاملي کي حل ڪيو آهي، هاڻي وڌيڪ ڪيس داخل نه ٿيڻ گهرجن

سينيٽر اعظم سواتي خلاف ڪراچي ۾ 5 ۽ قمبر ضلعي ۾ هڪ ڪيس داخل ڪيو ويو هو، سنڌ ۾ اعظم سواتي خلاف داخل ڪيس هاڻ ختم ڪيا ويا آهن