ڪي ايل راهول ۽ اٿيا شيٽي جي شاديءَ جي تاريخ سامهون اچي وئي

ممبئي: ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنر ڪي ايل راهول ۽ سنيل سيٽي جي ڌيءُ اداڪارا اٿيا شيٽي جي شاديءَ جي تاريخ منظر عام تي اچي وئي آهي

ڪي ايل راهول ۽ بالي ووڊ اداڪارا اٿيا شيٽي گذريل ٽن سالن کان گڏ آهن ۽ جوڙي جي شاديءَ جون افواهون ڪجهه مهينن کانپوءِ سامهون اينديون رهنديون آهن

ڪجهه عرصو اڳ ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي هئي ته جوڙو ايندڙ سال جنوري ۾ شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويندو. پنڪ ولا پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته ڪرڪيٽر جي انتهائي ويجهن ذريعن ٻڌايو آهي ته اٿيا ۽ راهول جنوري جي آخري ڏينهن ۾ شادي ڪري رهيا آهن

. رپورٽن موجب شاديءَ جون تقريبون 21 کان 23 جنوري تائين ٿينديون، شادي سنيل شيٽيءَ جي کنڊالا واري بنگلي تي ٿيندي