ملڪ ۾ دوائن جي ٻيهر سنگين بحران جو خدشو

اسلام آباد:ملڪ ۾ دوائن جي ٻيهر سنگين بحران جو خدشو، وفاقي صحت وزارت ڊريپ جي سفارش تي ناڻي کاتي کي خط لکي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي

خط ۾ چيو ويو آهي ته دوائن جي خام مال لاءِ ايل سيز نه کوليون ويون ته دوائن جي بحران جو خدشو آهي

 فارماسيـُوٽـِيڪل مينوفيڪچرز ائسوسيئيشن چيو آهي ته ڀارت ۾ خام مال ٺاهيندڙ ڪمپنين پاڪستان کي ڊفالٽ قرار ڏنو آهي، ڀارت ۽ چيني ڪمپنين اوڌر تي خام مال ڏيڻ کان کُتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي

ايل سيز کولڻ وارو مسئلو حل نه ٿيو ته ملڪ ۾ دوائن ۽ ميڊيڪل ڊوائيسز جو سنگين بحران ٿي سگهي ٿو، اسٽيٽ بئنڪ جي ترجمان چيو آهي ته پيٽروليم ۽ فارماسيوٽيڪل صنعتن جي امپورٽ تي پابندي ناهي، نشاندهي ڪئي وڃي ته ڪهڙي بئنڪ امپورٽ لاءِ ايل سيز نٿي کولي