نون صوبن بابت جوڙيل ڪميٽي کي صلاح ڏيندس ته سنڌ بابت نه سوچي: مخدوم جميل الزمان

شاهپورچاڪر: پ پ ايم اين اي مخدوم جميل الزمان چيو آهي ته موٽر وي اسڪينڊل  ۾ مخدوم خاندان جي ڪردارڪشي  ڪئي وئي

هن چيو ته سکر کان حيدرآباد موٽر جي مڪمل  جاچ ٿيڻ گهرجي، جيڪا ڪرپشن ٿئي پئي ان ۾ڪير ڪير ملوث آهي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي به  خط لکيو آهي ته ان ۾ پارليامينٽرين شامل ڪيا وڃن

مخدوم جميل الزمان چيو ته نوان صوبن ٺاهڻ بابت مونکي خبر نه  آهي،پر جيڪاڪميٽي ٺهي آهي ان کي  مشورو ڏيندس ته سنڌ بابت نه سوچي