برطانيا ۾ بيڪٽيريا انفيڪشن سبب ڇهه ٻار حياتيون وڃائي ويٺا

لنڊن: برطانوي هيلٿ سيڪيورٽي ايجنسي جو چوڻ آهي ته برطانيا ۾ اسٽرڪ اي بيڪٽيريا انفيڪشن سبب ڇهه ٻار فوت ٿي ويا آهن.

برطانوي هيلٿ سيڪيورٽي ايجنسي موجب بيڪٽريل انفيڪشن سبب انگلينڊ ۾ پنج ٻار ۽ ويلز ۾ هڪ ٻارڙي فوت ٿي وئي.

ميڊيا موجب اسٽرپ اي انفيڪشن جي اثرن عام طور هاڃيڪار ناهن هوندا، پر ڪجهه ڪيسن ۾ بيڪٽيريا سبب متاثر سخت بيمار ٿي ويندا آهن .

برطانوي هيلٿ ايجنسي موجب گروپ اسٽرپ جون نشانين ۾ ڳلي ۾ خارش ۽ چمڙي جي انفيڪشن شامل آهن، ان مرض سبب بخار پڻ ٿي سگهي ٿو، جنهن جو علاج اينٽي بائيوٽڪس ذريعي ڪري سگهجي ٿو.