مُلڪ ٽٽڻ جو سبب آمراڻي حڪومت هئي، جيستائين آئين رهندو ته مُلڪ به رهندو: قاضي فائز عيسيٰ

ڪراچي : جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو  آھي ته آئيني ڪردار۽ جمهوريت ئي ملڪ جو بنياد آهي، مُلڪ ٽٽڻ جو سبب آمراڻي حڪومت هئي، جيستائين آئين رهندو ته مُلڪ به رهندو

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ آمريڪا جي هارورڊ يونيورسٽي ۾ ٿيل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ حڪومت جي ڪوشش هوندي آهي ته هو ڪيئن به ڪري 5 سال پورا ڪن، اُن ڪري گورننس تان ڌيان هٽي ويندو آهي ۽ وڏن مسئلن تي ڪم ناهي ٿيندو

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو چوڻ ھو ته آئين  ۾ تبديلي پارليامينٽ جو ڪم آهي، جج ڪنهن به تبديليءَ جي تجويز نٿو ڏئي سگهي

as long as the constitution remainsThe reason for the disintegration of the country was the dictatorial government