پاڪستان خلاف عالمي ڪپ واري تاريخي اننگز سدائين دل ۾ رهندي: ورات ڪوهلي

ممبئي :ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ مڊل آرڊر بيٽر ورات ڪوهلي چيو آهي ته ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ پاڪستان خلاف اننگيز سدائين دل ۾ رهندي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ڀارتي بيٽر لکيو ته 23 هين آڪٽوبر وارو ڏينهن منهنجي دل ۾ ڏاڍو خاص رهندو، اهڙي انرجي مون پنهنجي ڪرڪيٽ ڪيريئر ۾ ان کان اڳ ڪڏهن محسوس نه ڪئي هئي، ڪيڏي نه شاندار اننگز هئي

ياد رهي ته ورات ڪوهليءَ  ويجهڙائي ۾ آسٽريليا ۾ ٿيل ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان خلاف ميچ ۾ 82 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي پنهنجي ٽيم جي ڪاميابي ۾ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو هو .

پاڪستان خلاف سندس ان تاريخي اننگز کي سڄي دنيا جي ڪرڪيٽ تجزيه نگارن طرفان پڻ ساراهيو ويو هو.