ڪراچي: اليڪشن ڪميشن 15 جنوري تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي
اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ يا نه ڪرائڻ بابت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو
اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون 15 جنوري تي ٿينديون
واضح رهي ته سنڌ ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزنز ۾ مڪاني چونڊون 3 ڀيرا ملتوي ڪيون ويون هيون