خيرپور : سيوهڻ ويجهو لونءَ ڪانڊاريندڙ روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل 20 ڄڻن جا مڙهه خيرپور جي ڳوٺ دائود ڦلپوٽو پهچايا ويا، هڪ ئي وقت 20 مڙهه پهچڻ تي علائقي ۾ سوڳ پکڙجي ويو
حادثي جي فوتين ۾ نئين پرڻيل ڪنوار، ٻار ۽ عورتون به شامل آھن، ڦلپوٽا برادري جا ماڻهو گذريل رات سکان کڻي قلندر جي درگاهه وڃي رهيا هئا ته وين انڊس هاءِ وي تي لڳل ڪٽ وٽان ڪلٽيون کائي پاڻيءَ ۾ ڪري پئي، اڪثر ماڻهو ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ ٻڏي فوت ٿيا
حادثي ۾ 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا، فوتين ۾ ڪنوار ثنا، صمد خاتون، مسمات شاهدا، ليليٰ، سونهن، مديحه، بينطير، مسمات ڀنڀل، مسمات ثنا، نجمه، شهزادو، شاهنواز الهڏنو ۽ ٻيا شامل آھن
وڏي وزير پاران حادثي ۾ ٿيل جاني نقصان تي ڏک جو اظهار، حادثي جي زخمين کي علاج معالجي جون سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي