گهڙي چوري واري معاملي کي انجام تي پهچائينداسين، عمران خان سعودي ولي عهد طرفان تحفي طور ڏنل گهڙي به دبئي ۾ وڪڻي ڇڏي
بچاءَ جي وزير خواجه آصف چيو آهي ته عمران خان ذاتي مقصدن لاءِ توشه خانه جي ضابطن کي تبديل ڪرايو، هر معاملي ۾ فرح گوگي جو نالو ڇو ايندو آهي؟ اهو ٻڌائڻو پوندو ته فرح گوگي جو عمران خان سان ڪهڙو واسطو آهي؟
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران خواجه آصف چيو ته عمران خان تي حملي جو ڪيس داخل نٿو ٿئي ته وفاق جو ڪهڙو ڏوهه؟ حملو پنجاب جي حدن ۾ ٿيو ۽ ڪيس به اُتي داخل ٿيندو، عمران خان کي پرويز الاهي کان پُڇاڻو ڪرڻ گهرجي