ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون 90 ڏينهن تائين ملتوي ڪرڻ جي منظوري

ڪراچي: سنڌ ڪابينا ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون 90 ڏينهن تائين ملتوي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪابينا ڪراچي ڊويزن ۾ مڪاني چونڊون 90 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪرڻ جي منظوري ڏني، جنهن کانپوءِ مڪاني ادارن واري کاتي جي اليڪشن ڪميشن کي خط لکي آگاهي به ڏني آهي

اليڪشن ڪميشن ڏانهن لکيل  خط ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ڪابينا هڪ سرڪيولر ذريعي ڪراچي ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ واري تجويز جي منظوري ڏني آهي

واضح رهي ته صوبائي حڪومت ٽي ڀيرا مڪاني چونڊون ملتوي ڪرائي چڪي آهي، هي چوٿون ڀيرو اليڪشن ملتوي ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو ويو آهي