عمران خان لانگ مارچ جي تاريخ ٻيهر تبديل ڪري ڇڏي

عمران خان لانگ مارچ جي تاريخ ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي، لانگ مارچ هاڻي اڱاري بدران اربعا ڏينهن وزيرآباد مان نڪرندو

عمران خان چيو آهي ته لانگ مارچ هر صورت ۾ منزل طرف پهچندو، مارچ جي قيادت شاهه محمود قريشي، اسد عمر،  پرويز خٽڪ ۽ ٻيا اڳواڻ ڪندا

عمران خان چيو ته پاڪ فوج اسان جي آهي ۽ فوج خلاف وڃڻ ممڪن ئي نه آهي، سرحدن تي بيٺل جوان منهنجي ٻچن وانگر آهن

پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته آصف زرداري ۽ نواز شريف سان ڪو به سمجهوتو نه ٿو ڪري سگهان، اليڪشن جي تاريخ وٺي اسلام آباد مان موٽنداسين